جج محمد بشير جون موڪلون، سيشن جج ناصر جاويد احتساب عدالت جو جج مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيشن جج ناصر جاويد راڻا کي احتساب عدالت اسلام آباد جو جج مقرر ڪيو ويو آهي.
قانون واري وزارت احتساب عدالت جي نئين جج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جج ناصر جاويد راڻا کي احتساب عدالت نمبر هڪ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.
جج ناصر جاويد راڻا کي 23 جنوري 2027 تائين احتساب عدالت جو جج مقرر ڪيو ويو آهي.
جج محمد بشير جي موڪلن سبب ناصر جاويد راڻا کي احتساب عدالت جو جج مقرر ڪيو ويو.
جج محمد بشير مارچ ۾ پنهنجي رٽائرمينٽ تائين موڪلن تي وڃي چڪو آهي، جج ناصر جاويد راڻا تازو سارا انعام قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.