سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران خراب ۽ ملاوٽي چانهه وڪرو ڪندڙن خلاف مهم شروع

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ فوڊ اٿارٽي خراب ۽ ملاوٽي چانهه وڪرو ڪندڙن خلاف ۽ هول سيلرن ٻنهي تي نظر ۾ رکندي ڀرپور مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي سربراهي ۾  هڪ ٽيم چانهه وڪرو ڪندڙن/هول سيلرن کي وڏين مارڪيٽن جو دورو ڪيو. هول سيلر جوليا بوسروپ جي خلاف ڪارروائي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي دڪانن تي موجود چانهه جي پتين جي چانج پڙتال ۽ معائنو پڻ ڪيو ويو. چانهه جي سمورن قسمن جا نمونا پڻ وڏن هول سيلرز کان وڌيڪ جائزن لاءِ جمع ڪيا ويا. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو ته ان طرح جي دورن جو مقصد کاڌي پيتي شين جي معيار کي جانچڻ آهي ته جيئن صارفين کي صحت بخش کاڌي پيتي جون شيون ملي سگهن. هن انهن سمورن وڪرو ڪندڙن ۽ هول سيلرن کي خبردار ڪيو جيڪي غير معياري کائن پيئڻ جي شين جي وڪرو ۾ شامل آهن ته هو پنهنجي هن عمل مان پاسو ڪن ٻي صورت ۾ انهن جي خلاف سنڌ فوڊ اٿارٽي ايڪٽ جي تحت سخت  ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.

  • ڪراچي ۾ مبينا مقابلا، ايس ايڇ او زخمي، 2ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علايئقن ۾ پوليس مقابلن دوران جوابدارن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او زخمي جڏھن ته  پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڦورو زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو. نارٿ ناظم آباد سخي حسن پل ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڦورو عمران ولد عبدالرحمٰن  کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو. لياقت آباد جي علائقي لياري ندي ڪراچي ڪمپليڪس بلوچ ھوٽل ڀرسان پوليس مقابلي دوران جوابدارن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او لياقت آباد فيض الحسن زخمي ٿي ويو آهي جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ جوابدار فرحان ولد ضمير زخمي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.