فارم 45 ۽ 47 ۾ واضح فرق آهي، اسان جون 85 سيٽون کسي جهموريت تي حملو ڪيو ويو : پي ٽي آءِ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف قيادت چيو آهي ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪري جهموريت تي حملو ڪيو ويو، عام چونڊن ۾ اسان جون 179 سيٽون هيون 85 سيٽون کسيون ويون، اسان جي رد ڪيل ووٽن جو انگ وڪٽري ووٽن کان وڌيڪ آهي، عام چونڊن ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڌانڌلي ٿي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوارن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران چونڊ نتيجن کي هڪ ڀيرو وري رد ڪري ڇڏيو ۽ دعويٰ ڪئي ته وٽن موجود فارم 45 پٽاندڙ هو اليڪشن کٽي چڪا آهن.
تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن دعويٰ ڪئي ته سندن حمايت يافته 85 اميدوارن کي هارايو ويو آهي، جنهن خلاف هو قانوني رستو اختيار ڪري رهيا آهن.
ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڌانڌلي ڪئي وئي، اسان جي جاچ موجب، قومي اسيمبليءَ جون 85 سيٽون پي ٽي آءِ کان کسيون ويون.
روف حسن موجب، فارم 45 ۽ فارم 47 ۾ واضح فرق آهي جڏهن ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن ۾ ووٽن جو فرق به وڏو بئنچ مارڪ آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ شاندانه گلزار چيو ته ڪراچي شهر مان اسان کي 12 لک 50 هزار ووٽ مليا پر هڪ سيٽ به نه ملي جڏهن ته فارم 45 جي بنياد تي اسان کٽي رهيا هئاسين پر اتي ايم ڪيو ايم کي کٽرايو ويو .
هن دعويٰ ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 130 لاهور مان پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار ياسمين راشد 19 هزار ووٽن تان فتح حاصل ڪئي پر ان سيٽ تي نواز شريف کي کٽرايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.