پي ٽي آءِ جي وزارتِ عظميٰ جي اميدوار عمر ايوب کي وڏو عدالتي رليف ملي ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ پارٽي طرفان وزارتِ اعظميٰ جي اميدوار عمر ايوب جون ضمانتون منظور ڪري ورتيون.
عدالت عمر ايوب کي هڪ لک رُپين جي مچلڪا جمع ڪرائڻ ۽ هڪ مهيني ۾ لاڳاپيل عدالتن ۾ پيشي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
عمر ايوب خلاف داخل ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ ڪئي.
عمر ايوب جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته عمر ايوب تي 4 ڪيس لاهور، 2 اسلام آباد، 3 اٽڪ جڏهن ته 13 ڪيسز راولپنڊي ۾ آهن، 8 هفتن تائين راهداري ضمانت جي درخواست ڏني جنهن تي عدالت عمر ايوب کي هڪ لک رُپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ ۽ هڪ مهيني ۾ لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته عدالت مون کي عبوري رليف ڏنو آهي، منهنجي خلاف 24 ڪيس داخل آهن، حڪومت ٺاهڻ کانپوءِ اسان جيلن مان پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي آزاد ڪرائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.