100 ۽ هزار رپين جي نوٽ تي نئين تصوير رکڻ جي اپيل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي اسلاميا ڪاليج يونيورسٽي گورنر اسٽيٽ بينڪ کي خط لکي 100 ۽ هڪ هزار رپين جي نون نوٽن تي اسلاميا ڪاليج جون تصويرون رکڻ جي درخواست ڪئي آهي.

اسٽيٽ بينڪ ملڪ ۾ نون ڪرنسي نوٽن جي ڇپائي جو فيصلو ڪيو آهي، ان ئي سلسلي ۾ هڪ هزار جي نوٽ تي اسلاميا ڪاليج پشاور جي تصوير جاري رکڻ جي حوالي سان يونيورسٽي گورنر اسٽيٽ بينڪ کي خط لکي ڇڏيو.

گورنر کي خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته اسلاميا ڪاليج پشاور جو بنياد 1913 ۾ صاحبزادي عبدالقيوم رکيو هو ۽ قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي ملڪيت جو ٽيون حصو اسلاميا ڪاليج کي عطيو ڪيو هو.

خط ۾ چيو ويو ته اسٽيٽ بينڪ نون ڪرنسي نوٽن جي ڇپائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ 110 سالن جو اسلاميا ڪاليج پشاور تاريخي اهميت رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.