عالمي دفاعي خرچن ۾ رڪارڊ واڌ

رتو ڇاڻ وارين جنگين، موتمار حملن ۽ پُرتشدد واقعن کي نظر ۾ رکندي عالمي دفاعي خرچ وڌي ويا.
عالمي دفاعي خرچ گذريل سال رڪارڊ 2.2 ٽريلين ڊالرز تائين پهچي ويا، هڪ برطانوي فوجي ٿِنڪ ٽينڪ چيو ته عالمي دفاعي خرچ گذريل سال 9 سيڪڙو اضافي سان رڪارڊ 2.2 ٽريلين ڊالر رهيا.
هلندڙ سال 2024ع ۾ غزا تي اسرائيل جي جنگ، يوڪرين ۾ تڪرار جڏهن ته هندو ۽ پئسفڪ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب ان ۾ اضافو ٿيڻ وارو آهي.
لنڊن ۾ قائم انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فارم اسٽريٽجنگ اسٽڊيز (IISS) تازو پڌري ڪيل رپورٽ ۾ آرڪٽڪ ۾ وڌندڙ بي چيني، اتر ڪوريا جي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ لاءِ، چين تي ڳڻتي ۽ آفريقه جي سامونڊي علائقي ۾ فوجي حڪومتن جي عروج جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽجڪ اسٽڊيز گذريل 65 سالن کان دفاعي خرچن بابت سالياني رپورٽ جوڙي رهيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موجودهه فوجي سيڪيورٽي جي صورتحال ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي هي وڌيڪ خطرناڪ ڏهاڪو ٿي سگھي ٿو ڇو جو ڪجهه فوجي طاقتون پنهنجون دعوائون اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجي عسڪري طاقت کي هوڏ سان استعمال ڪري سگھن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.