ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪلچرل اينڊ لٽرري ايسوسيئيشن (اسڪالا) پاران ڪئناڊا ۾ تعليمي موقعن بابت رهنمائي لاءِ سالياني تقريب 17 فيبروري ڇنڇر ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ ٿيندي .
محمد صديق ميمڻ اسڪائوٽ آڊيٽوريم ۾ شام جو ٽئين وڳي رٿيل تقريب ۾ پهريون سيشن نوجوانن جي ڪائونسلنگ جو ٿيندو جنهن ۾ نوجوانن کي ڪئناڊا ۾ تعليمي موقعن بابت نه رڳو آگاهي ڏني ويندي پر اميگريشن جي سلسلي ۾ به مڪمل رهنمائي ڪئي ويندي.
ان موقعي تي هڪ سيمينار به ٿيندو جنهن ۾ باصلاحيت نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنهنجي حاصلات ۽ ڪاميابين بابت آگاهه ڪندا.
اسڪالا جي پڌرائي موجب تقريب جي پڄاڻي تي تعليم ۽ ثقافت واري اڳوڻي صوبائي وزير سيد سردار شاهه هٿان ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا.
اسڪالا سنڌ جي نوجوانن کي اپيل ڪئي آهي ته پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ڪئناڊا ۾ تعليم ۽ ترقي جي موقعن بابت آگاهي مهم مان ڀرپور فائدو ورتو وڃي.