راکي ساونت جو عمران خان بابت وڏو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا راکي ساونت عمران خان جي حق ۾ ڳالهايو آهي، هن عمران خان جي آزادي تي پاڪستان اچي کيس واڌايون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي تڪرارن ۾ گھڙيل رهندڙ راکي ساونت هڪ ڀيرو وري ميڊيا جون ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو پر هن ڀيري هن پنهنجو ڌيان پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڪري حاصل ڪيو آهي.
اداڪارا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي گھڻو پسند ڪندي آهيان.
هن چيو ته ڀارت ۾ پهرين عورت آهيان جيڪا عمران خان ۽ پي ٽي آ3 جي حمايت ڪري رهي آهيان، آئون دل سان چاهيان ٿي ته عمران خان کٽي ۽ مون کي يقين آهي ته هو ڪامياب ٿي ويندو.
ڀارتي اداڪارا وڌيڪ چيو ته مون کي ڏک آهي ته عمران خان کي زبردستي قيد ۾ رکيو ويو آهي، آئون سندس آزادي لاءِ دعا ڪندي آهيان، جيڪڏهن عمران خان آزاد ٿي وڃي ته آئون کيس واڌايون ڏيڻ لاءِ پاڪستان وينديس.
راکي ساونت اهو به ارادو ڪيو ته جيڪڏهن عمران خان جي ووٽرز کيس ڪاميابي ڏياري ته آئون ٻيهر عمرو ڪرڻ وينديس ۽ هن لاءِ دعا ڪنديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.