”عمران خان کي ووٽ محبت ۾ نه پر ٻين سياسي جماعتن کان نفرت جي ڪري پيا آهن“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته عوام کي عمران خان جي صورت ۾ هڪ هٿيار هٿ اچي ويو آهي، جنهن کي اهي 70 سالن کان حڪمراني ڪندڙن خلاف استعمال ڪري رهيا آهن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته هاڻ پي ٽي آءِ چئي رهي آهي ته انهن 100 نه 180 سيٽون کٽيون آهن، سموريون سياسي جماعتون اهو سوچين ته ووٽ عمران خان کي محبت ۾ پيو آهي ۽ انهن جماعتن جي نفرت ۾؟
هن چيو هن وقت صورتحال اهڙي آهي ته کٽيندڙ ۽ هارائيندڙ ٻئي احتجاج ڪري رهيا آهن، اڄ جيڪي ماڻهو عمران خان سان گڏ بيٺا آهن، اهي ٻين سياسي جماعتن جي ضد ۾ بيٺا آهن، عمران خان ضد جي علامت آهي، عوام کي عمران خان سان محبت ناهي پر ٻين پارٽين کان نفرت آهي، ڇو ته عمران خان به رڳو ڳالهين جي ٽورنامينٽ ڪئي آهي ٻيو ڪجهه نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.