ڀارت ۾ چونڊ فنڊنگ سسٽم غير آئيني قرار، ختم ڪرڻ جو حڪم

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ 7 سالن پراڻي چونڊ فنڊنگ سسٽم کي غير آئيني قرار ڏيندي ان کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڀارتي خابرو اداري موجب نئين دهلي ۾ 7 سال پراڻي اليڪٽورل بانڊز سسٽم کي ختم ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ڊي واءِ چندرچوڙ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اليڪٽورل بانڊز نالي سسٽم کي غير آئيني قرار ڏيڻ سان اسٽيٽ بئنڪ کي حڪم ڏنو ته اُها هاڻي وڌيڪ بانڊز جاري نه ڪري.
اليڪٽورل بانڊز نالي ان نظام تحت ڪو به شخص يا ڪمپني اهي بانڊز رياست جي انتظام هيٺ اسٽيٽ بئنڪ آف انڊيا کان خريد ڪري سگھي پئي ۽ انهن کي پنهنجي پسند جي سياسي جماعت کي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ کانسواءِ بنا ڪنهن حد جي پئسا ڏئي سگھي پئي.
واضح رهي ته ان نظام کي ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ميمبرن ۽ سول سوسائٽي جي هڪ گروپ پاران چئلينج ڪيو ويو هو عوام کي اهو ڄاڻڻ جو حق آهي ته سياسي جماعتن کي ڪير فنڊنگ ڏئي رهيو آهي.
ان فيصلي کي وزيراعظم نريندر مودي جي ڀارتي جنته پارٽي لاءِ وڏي ڌچڪي جي طور تي ڏٺو پيو وڃي، مودي جي پارٽي 2017ع ۾ متعارف ڪرايل ان نظام مان هيل تائين سڀ کان وڌيڪ فائدو کنيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.