پي ايس ايل 9: افتتاحي تقريب ۾ ڪهڙا فنڪار پرفارم ڪندا؟

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جو نائون ايڊيشن 17 فيبروري کان شروع ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن.
پي ايس ايل جو ترانو گذريل ڏينهن جاري ڪيو ويو هو جڏهن ته پرڏيهي رانديگرن جي اچڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي.
ايونٽ جي پهرين مرحلي جون ميچون لاهور ۽ ملتان ۾ کيڏيون وينديون.
پاڪستان سپر ليگ جي افتتاحي تقريب 17 فيبروري جي شام ساڍي ڇهين وڳي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي، ڪرڪيٽ پرستارن جي داخلا ساڍي ٽين وڳي شروع ٿي ويندي.
ايونٽ جي افتتاحي تقريب ۾ راڳي علي ظفر، آئما بيگ، عارف لوهار ۽ نوري پرفارم ڪندا، ان کانسواءِ افتتاحي تقريب ۾ آتشبازي ۽ ليزر شو جو بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.