پشاور هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرڊ افغان کدڙن فقيرن کي تنگ نه ڪرڻ جو حڪم

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ رجسٽرڊ افغان کدڙن فقيرن کي تنگ نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ 16 افغان کدڙن فقيرن کي وطن واپس موڪلڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن شڪيل احمد ۽ جسٽس وقار احمد ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار وڪيل موقف اختيار ڪيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سمورن پرڏيهين کي وطن واپس موڪليو ويندو، افغانستان ۾ کدڙن فقيرن جي حياتين کي خطرو آهي.
درخواستگذار وڪيل جي موقف تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اهي پرڏيهي نادرا وٽ رجسٽرڊ آهن؟
درخواستگذار وڪيل چيو ته پي او آر ڪارڊ ۽ دستاويزن باوجود افغان کدڙن فقيرن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي به هراسان ڪيو پيو وڃي.
عدالت حڪم جاري ڪيو ته جيڪڏهن افغان کدڙن فقيرن وٽ دستاويز آهن ته انهن کي هراسان نه ڪيو وڃي ۽ انهن وٽ تصديقي دستاويز آهن ته اهي پاڪستان ۾ رهي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.