پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ ايٿليٽ سيف الله سولنگي چِپس کپائي پيٽ پالڻ لڳو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ جي شھر راڌڻ سان واسطو رکندڙ سيف الله سولنگي ۽ گذريل سال جرمني جي شهر برلن ۾ ٿيل اسپيشل ورلڊ اولمپڪ گيمز ۾ ٻه گولڊ هڪ چاندي ۽ هڪ پتل جو ميڊل کٽي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ ايٿليت غربت سبب چپس کپائڻ تي مجبور آهي.
سيف الله سولنگي گذريل سال جرمني 17 کان 25 جون تائين جاري رهندڙ اسپيشل ورلڊ گيمز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري ايونٽ ۾ 2 گولڊ هڪ چاندي ۽ هڪ پتل جو ميڊل حاصل ڪري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو،
تاريخي ڪاميابي تي ان وقت جي وزير اعظم شھباز شريف سيف الله سولنگي کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسپيشل ايٿليٽس کي وزيراعليٰ هائوس ۾ دعوت ڏني.
دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ اسپيشل ايٿليٽ بيروزگاري سبب هاڻي چپس وڪڻي گهر وارن جي مدد ڪري رهيو آهي.
سوشل ميڊيا تي سيف الله سولنگيءَ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته سندس والد روزگار سانگي سعودي عرب ۾ رهي ٿو ۽ هو پاڻ چِپس کپائي گهرن وارن جي مدد ڪري رهيو آهي.
سيف الله سولنگي وس وارن کان مدد جي اپيل ڪندي چيو ته کيس اسپيشل ڪوٽا تي نوڪري ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجي ۽ پنهنجي گهر وارن جي زندگي کي بهتر بڻائي ۽ راند تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهي.
واضح رهي ته جرمني جي شهر برلن ۾ منعقد ٿيل ورلڊ اسپيشل گيمز ۾ دنيا جي لڳ ڀڳ 170ملڪن سان تعلق رکندڙ 7هزار ايٿليٽس شرڪت ڪئي هئي.
سيف الله سولنگي ويٽ لفٽننگ مقابلن ۾ پاڪستان لاءِ ميڊلز حاصل ڪيا هئا، ايونٽ ۾ پاڪستان مجموعي طور تي 48 ميڊل ماڻيا جنهن ۾ 10 گولڊ 20 چاندي ۽ 18 پتل جا ميدلز شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.