60 ورهين جي آسٽريلوي وزيراعظم دوست سان مڱڻي ڪري ڇڏي

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز پنهنجي پراڻي دوست سان مڱڻي ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آسٽريلوي وزيراعظم البانير ويلنٽائين ڊي جي موقعي تي پنهنجي سرڪاري رهائشگاهه ڪينبرا لاج ۾ پنهنجي دوست جوڊي هيڊن سان مڱڻي ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
انٿوني البانيز پهريون وزيراعظم آهي جنهن عهدي تي رهندي مڱڻي ڪئي، هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جوڊي سان گڏ سيلفي شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته هن ها ڪئي. تصوير ۾ جوڊي هيڊن نئين منڊي به ڏيکاري.
جوڙي بعد ۾ گڏيل بيان جاري ڪندي چيو ته اسان ان خبر کي شيئر ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو خوش ۽ پرجوش آهيون ۽ پنهنجي باقي زندگي هڪ ٻئي سان گذارڻ جا منتظر آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.