موسميات کاتي 17 فيبروري کان برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 17 فيبروري کان ملڪ جي مختلف حصن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جو سلسلو 17 فيبروري جي رات کان ملڪ جي اولهه علائقن ۾ داخل ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ 17 کان 21 فيبروري تائين مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 17 کان 21 فيبروري دوران ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ برسات، جڏهن ته جبلن تي برفباري جو امڪان آهي، ان دوران اسلام آباد، مري گليات ۾ به مينهن وسندو، جڏهن ته 18 ۽ 19 فيبروري تي ملتان، ڀڪر، راج پور ۽ ڊي جي خان ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب 18 کان 19 فيبروري دوران بلوچستان ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، 17 کان 20 فيبروري دوران خيبر پختونخواهه ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته 18 کان 21 فيبروري دوران سنڌ جي ڏاکڻي علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ ۽ آنڌاري جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.