”ججن کي ڪنهن جي خلاف آبزرويشن ڏيندي احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ججن کي ڪنهن جي غير موجودگي ۾ آبزرويشن ڏيندي احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي.
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جي پنهنجي خلاف آبزرويشنز ختم ڪرڻ جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.
سپريم ڪورٽ راجا پرويز اشرف جي اپيل منظور ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي فيصلي مان راجا پرويز اشرف خلاف آبزرويشنز ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ججن کي ڪنهن جي غير موجودگي ۾ ان خلاف آبزرويشنز ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ججن کي ڪنهن خلاف آبزرويشن ڏيڻي آهي ته اڳ ۾ ان کي نوٽيس ڪن، اميد ڪيون ٿا ته جج اڳتي احتياط ڪندا.
سپريم ڪورٽ چيو ته راجا پرويز اشرف خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج 2012 ۾ سخت آبرزويشنز ڏنيون، نيب موجب راجا پرويز اشرف خلاف انڪوائري ۾ ڪجهه ثابت نه ٿيو.
واضح رهي ته جسٽس رٽائرڊ شوڪت عزيز صديقي گوجر خان روڊ جي ڪيس ۾ آبزرويشنز ڏيندي راجا پرويز اشرف کي بدنيت ۽ ڪرپٽ چيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.