ڪابينا پرڏيهي ايئر لائن کي پاڪستان ۾ فضائي سروس شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا پرڏيهي ايئر لائن کي پاڪستان لاءِ فضائي ڪم شروع ڪرڻ ۽ ايم ڊي بيت المال مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايوي ايشن وزارت جي سمري تي انڊونيشين ايئر لائن کي سرڪاري ايئر لائن جو درجو ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا انڊونيشيا جي ايئر لائن کي پاڪستان لاءِ سروس شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايئر لائن پاڪستان لاءِ بي 737 ۽ اي 320 جهاز استعمال ڪندي ۽ هفتيوار 7 اڏامون شروع ڪندي.
هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا غربت جي خاتمي لاءِ سيڪريٽري يوسف خان کي ايم ڊي بيت المال مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.