اُهي ڪرڪيٽر جيڪي پي ايس ايل 9 ۾ نظر نه ايندا!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جو نائين ايڊيشن 17 فيبروريءَ کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن جي پهرين ميچ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، ڇهن ٽيمن تي ٻڌل ايونٽ ۾ سموري دنيا جا ناميارا ڪرڪيٽر ايڪشن ۾ نظر ايندا.
18 مارچ تائين جاري رهندڙ ٽورنامينٽ ۾ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز سميت هر ٽيم پنهنجي بهترين ڪمبينيشن سان ميدان ۾ لهڻ جي ڪوشش ڪندي.
گذريل سال ملتان سلطان طرفان 22 رانديگرن کي پويلين ڀيڙو ڪندڙ فاسٽ بالر احسان الله هن دفعي ٺونٺ جي انجري سب ايونٽ جو حصو نه هوندو.
احسان الله کي گذريل پي ايس ايل ۾ پليئر آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنو ويو هو ۽ ميگا ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي کيس پاڪستان ڪرڪيٽ جي نمائندگي جو به موقعو مليو جتي هن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڊيبيو تي پهرين ئي بال تي وڪيٽ حاصل ڪئي هئي.
ملتان سلطانز جي ٽيم رڳو احسان الله جي ئي خدمتن کان محروم ناهي ٿي، پر انگلش فاسٽ بالر ريس ٽوپلي به پنهنجي غيرحاضري بابت ملتان جي مئنيجمينٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ريس ٽوپلي به احسان الله جيان مڪمل طور فٽ ناهي، جنهنڪري انگلش ڪرڪيٽ بورڊ کيس پي ايس ايل کيڏڻ لاءِ اين او سي جاري ناهي ڪئي ته جيئن هو آرام ڪري جلد فٽ ٿي سگهي.
ملتان سلطانز جي ٻن رانديگرن کانسواءِ به ڪيئي ڪرڪيٽرز اهڙا آهن جن کي هن دفعي ڪنهن به ٽيم طرفان کيڏڻ جو موقعو نه ملندو.
وهاب رياض ( پشاور زلمي )

پاڪستان سپر ليگ جي تاريخ ۾ وهاب رياض سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر آهي، ليفٽ آرم پيسر 88 ميچون کيڏي 113 رانديگرن کي آئوٽ ڪري چڪو آهي.
گذريل سال هن عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي هئي پر ان باوجود پي ايس ايل جو حصو رهيو، پر هلندڙ سال پي ايس ايل کان پري رهڻ جو سبب ڪجهه ذميواريون آهن.
گذريل سال وهاب رياض کي پنجاب جي نگران حڪومت ۾ راندين بابت صلاحڪار مقرر ڪيوويو هو، جنهن کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کيس چيف سليڪٽر مقرر ڪري سندس ذميواريون وڌائي ڇڏيون هيون.
هلندڙ سال پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻي آهي، جنهن جي چونڊ لاءِ جيستائين بورڊ جي نئين انتظاميا سليڪشن ڪميٽي جو اعلان نٿي ڪري، تيستائين امڪان آهي ته وهاب رياض ئي چيف سليڪٽر رهندو.
صهيب مقصود ( اسلام آباد يونائيٽڊ )


پي ايس ايل 2021ع ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ ۽ پليئر آف دي ٽورنامنيٽ جو اعزاز ماڻيندڙ بيٽر صهيب مقصود هن ڀيري ڪنهن به ٽيم جو حصو ناهي.
صهيب مقصود گذريل سال اسلام آباد يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪئي هئي پر هن دفعي ڊرافٽ ۾ کيس ڪنهن به ٽيم خريدڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري.
راشد خان ( لاهور قلندرز )


دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز گذريل ٻن ايڊيشنز دوران شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو جنهن ۾ افغانستان جي ليگ اسپنر راشد خان جو به ان ۾ انتهائي اهم حصو رهيو آهي.
هن سال زخمي هئڻ سبب راشد خان پي ايس ايل جو حصو نه هوندو ۽ ان خبر سندس مداحن کي به مايوس ڪري ڇڏيو آهي.
محمد حفيظ (ڪوئيٽا گليڊيئٽرز )


محمد حفيظ جو ڳاڻيٽو پاڪستان ڪرڪيٽ جي ناميارن آل رائونڊرز ۾ ٿئي ٿو، گذريل سال پي ايس ايل جي اٺين ايڊيشن کان پهرين هن عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي نمائندگي ڪئي.
هن ڀيري هو پي ايس ايل جو حصو نه هوندو ڇو ته گذريل سال کيس آسٽريليا جي دوري لاءِ پاڪستان ٽيم جي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو.
عمران طاهر ( ڪراچي ڪنگز )


پاڪستاني ڄائو ڏکڻ آفريڪي ليگ اسپنر عمران خان طاهر هنيئر تائين پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز طرفان کيڏندي 56 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي.
عمران طاهر گذريل سال ڪراچي ڪنگز جو حصو هو، هن سال هو پاڪستان جي سڀ کان وڏي ٽي ٽوئنٽي ايونٽ ۾ ڪنهن به ٽيم شامل نه آهي، سندس نالو ڊرافٽ ۾ هئڻ باوجود ڪنهن به ٽيم کيس خريد نه ڪيو هو.
شڪيب الحسن ( پشاور زلمي )


مارچ جي شروع جنهن وقت پاڪستان سپر ليگ جو نائون ايڊيشن پڄاڻي ڏانهن وڌي رهيو هوندو، سريلنڪن ٽيم بنگلاديش جي دوري تي هوندي، جنهن دوران ٻنهي ٽيمن جا اهم رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا.
سريلنڪا خلاف شيڊيول سيريز سبب شڪيب الحسن پاڪستان سپر ليگ جو حصو نه هوندو .
عمر اڪمل ( ڪوئيٽا گليڊيئٽرز )


ڪنهن زماني ۾ عمر اڪمل جو شمار پاڪستان جي بهترين بيٽرز ۾ ٿيندو هو، پر عالمي ڪڪريٽ ۾ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي ۽ فٽنس مسئلن سبب سندس ڪيريئر ڏکيائين جو شڪار ٿي ويو ۽ پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ عمر اڪمل به نظر نه ايندو.
شرجيل خان ( ڪراچي ڪنگز )


گذريل چئن ايڊيشن ۾ ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ شرجيل خان پنهنجي جارحاڻي بيٽنگ سبب مداحن ۾ تمام گهڻو مقبول رهيو آهي، پر هن سال ڪنهن به فرنچائز طرفان کيس خريد نه ڪرڻ واري عمل مداحن کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي.
ٽِم ڊيوڊ ( ملتان سلطانز )


2021ع ۾ لاهور قلندرز جي اسڪواڊ ۾ متبادل رانديگر طور شامل ٿيندڙ ٽِم ڊيوڊ کي ملتان سلطانز جي بين القوامي پروڊڪٽ چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو.
سنگاپور ۾پيدا ٿيندڙ رانديگر نه رڳو ٻن ايڊيشن ۾ پنهنجي جارح مزاجي سان ملتان سلطانز کي فائنل ۾ پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر آسٽريليا طرفان عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو به ڪيو.
22 ميچن ۾ 43 جي ايوريج سان 605 رنسون ٺاهيندڙ ٽِم ڊيوڊ کي هن سال ملتان سلطان جي ٽيم ۽ سندس مداح گهڻو مِس ڪندا.
مارٽن گپٽل ( ڪوئيٽا گليڊيئٽرز )


گذريل سال 62 بالن تي ڪوئيٽا گليڊيئٽرز طرفان سينچري اسڪور ڪندڙ مارٽن گپٽل هن ڀيري ڪنهن به پي ايس ايل فرنچائز جو حصو ناهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب سندس گذريل ايونٽ ۾ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي آهي.
ڪراچي ڪنگز خلاف تيز سينچري باوجود ڪيوي بيٽر ميگا ايونٽ ۾ رڳو 310 رنسون ٺاهي سگهيو.

تصويرون اَي ايف پي جي ٿورن سان

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.