خواجا سعد رفيق قومي حڪومت جي تجويز ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق قومي حڪومت جي تجويز ڏئي ڇڏي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا سعد رفيق واضح ڪيو ته منهنجي اها تجويز ذاتي راءِ آهي.
هن چيو ته حڪومت سازي لاءِ سادي اڪثريت ڪنهن وٽ ناهي، نفرت عروج تي آهي، تنهن ڪري شديد معاشي بحران مان نڪرڻ، سياسي ڇڪتاڻ ۽ گڏيل اختلاف گهٽائڻ لاءِ انا، ضد ۽ پلاند جا بُت ٽوڙيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته هڪ خاص مدي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ موجود سڀني جماعتن تي ٻڌل قومي حڪومت جوڙڻ تي غور ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.