ڪنهن به صورت ۾ اداڪار سان شادي نه ڪنديس: سونيا حسين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا سونيا حسين چيو آهي ته هوءَ ڪنهن به صورت ۾ اداڪار سان شادي نه ڪندي، ڇو جو اُهي نرگسيت جو شڪار هوندا آهن ۽ هر وقت پاڻ کي ئي سنواريندا رهندا آهن.
سونيا حسين تازو کي هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شادي سميت ٻين معاملن تي کُلي ڪري ڳالهايو ۽ ان ڳالهه تي به افسوس ڪيو ته نئين نسل جا ماڻهو وڏن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ وساري چڪا آهن.
اداڪارا ٻڌايو ته جنهن نسل سان هوءَ واسطو رکي ٿي، اُهو مختلف آهي ۽ کيس لڳندو آهي ته نئين نسل جي ماڻهن ۾ اخلاقيات جي کوٽ آهي، انهن کي ان ڳالهه جي به خبر نه آهي ته عورتن سان ڪيئن پيش اچڻ گھرجي ۽ وڏن جي عزت ڪيئن ڪئي وڃي؟
اداڪارا چيو ته هن وقت شادي جو ڪو به ارادو نه آهي، اهڙي شخص سان شادي نٿي ڪري سگھان جيڪي پسند نه هجي، ارينج ميريج به پسند جي شخص سان ڪنديس.
اداڪارا چيو ته هوءَ اڳ به ٻڌائي چڪي آهي ته اداڪار ۽ اداڪارائون هڪ جهڙي ئي عادت جا ماڻهو آهن، ٻئي خود پسندي ۾ مبتلا رهندا آهن، ان ڪري آئون اداڪار سان شادي نه ڪنديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.