پوليس بنا وارنٽ جي گهر جو تقدس پامال ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ 5 سال سزا ٺهي ٿي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ توهين مذهب ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته لڳي ٿو اسلام آباد ۾ ڪو گهر محفوظ ناهي، بنا وارنٽ جي پوليس ماڻهن جي گهرن جو تقدس پامال ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟
سپريم ڪورٽ ۾ توهين مذهب جي جوابدار جي ضمانت جي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي.
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ايس ايس پي ۽ ايس پي اسلام آباد پوليس عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهين مذهب جي ڪيس جي جاچ ايس پي کي پاڻ ڪرڻي پوندي آهي، قانون جي ڀڃڪڙي تي ايس پي کي معطل ڪيون يا ايس ايس پي کي؟ وڪيل موجب پوليس توهين مذهب جي ڪيسن ۾ ڊڄندي آهي ۽ جيئن ئي ڪيس ايندو آهي ته ڪيس داخل ڪري ڇڏيندي آهي.
چيف جسٽس چيو ته پوليس جيڪڏهن ڊڄي ته بهادر ڪير رهندو؟ بنا وارنٽ جي ڇا پوليس ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿي سگهي ٿي؟ چادر ۽ چارديواري جو تقدس ڪاڏي ويو؟ ڇا توهان جي گهر ڪوئي بنا وارنٽ جي تلاشي وٺي سگهي ٿو؟ پوليس آرڊر 2002 موجب بنا گرفتاري وارنٽ جي ڪنهن جي گهر داخل ٿيڻ تي 5 سالن جي سزا ٺهي ٿي.
چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ تصوير جي بنياد تي توهين مذهب جو ڪيس ٺاهيو ويو، ڄڻ توهان ئي اسلام جا محافظ آهيو، اڳ ۾ توهين مذهب جو ڪيس ٺهيو، گرفتاري ٿي، پوءِ وڃي تصوير برآمد ڪرائي وئي، ڇا پوليس کي اهو ثابت ڪرڻو آهي ته توهين مذهب عام آهي ۽ ان سان اسلام بلند ٿيندو؟ هڪ شخص پنهنجي دوست کي دم ڪرائڻ ويو ته اتي تصوير ڏٺي ۽ اچي ڪيس ٺاهي ڇڏيو، پوليس بندوقون رکي به ڊڄڻي آهي، اسان اهڙن ڪيسن مان ٿڪجي پيا آهيون، يقيني بڻايو ته مذهب ذاتي مقصدن لاءِ استعمال نه ٿئي.
عدالت جاچ جون گهرجون پوريون نه ٿيڻ تي جوابدار جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت معاملي جي وڌيڪ انڪوائري جو حڪم ڏيندي چيو ته جاچ ايس پي رينڪ جي هيٺئين آفيسر کان نه ڪرائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.