ٻيلن جي واڍي سبب گرمائش وڌڻ جو انڪشاف

ميساچوسيٽس (ويب ڊيسڪ) ميساچوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ ڪيل تحقيق موجب عالمي سطح تي ٻيلن جي واڍي هر سال انساني سرگرمين سبب ماحول ۾ 10 سيڪڙو تائين گرمائش جو سبب بڻجي رهي آهي.
ايمازون جي ٻيلن کان وٺي آفريقي صحارا جا ٻيلا هوا مان زهلو مواد صاف ڪرڻ جو ڪم ڪندا آهن. پر، جيڪڏهن موجود رفتار يا ان کان تيزي سان ٻيلن جي واڍي جاري رهي ته هڪ اندازي موجب گرمائش ۾ 10 سيڪڙو واڌ ٿي ويندي.
تحقيقي جي سربراهه ليکڪ ڊاڪٽر ايري فيئن برگ جو چوڻ هو ته پاري جي گدلاڻ اهم ذريعن کي پوري طرح نظرانداز ڪيو پيو وڃي جنهن سبب ماحول خراب ٿي رهيو آهي.
محققن جي ماڊل تحقيق ۾ ڏيکاريو ته ايمازون جو برساتي ٻيلو پاري کي جذب ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي. ان ڪري ايمازون ۾ وڻن جي واڍي ۾ گھٽتائي مرڪري جي گدلاڻي ۾ واضح گھٽتائي آڻي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.