خبردار! معدي جو خيال رکو، وڏي دماغي بيماري جو انڪشاف

سائنسدانن معدي ۽ دماغ وچ ۾ اهڙو واسطو دريافت ڪيو آهي جيڪو الزائمر مرضن جو سبب بڻجي ٿو.
آمريڪا جي وسڪنسن يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته معدي ۽ دماغ وچ واسطو موجود آهي جيڪو الزائمر مرضن ۾ امڪاني ڪردار ادا ڪري ٿو.
ان کان اڳ به جانورن تي ٿيل تحقيقي ڪم ۾ دريافت ٿيو هو ته هاضمي جي نظام ۽ دماغي صحت وچ ۾ واسطو آهي.
هاڻي وري نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معدي ۾ سوڄ امڪاني طور تي الزائمر مرضن مان متاثر ڪرڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪري ٿي.
تحقيق ۾ خيال ظاهر ڪيو ويو ته معدي ۾ موجود مخصوص بيڪٽيريا اهڙين تبديلين کي متحرڪ ڪن ٿا جيڪي سوڄ جو سبب بڻجن ٿيون.
محققن ٻڌايو ته معدي جي صحت متاثر ٿيڻ سان رت ۾ سوڄ جو سبب بڻجندڙ ماليڪيولز ۽ زهريلي مواد جي سطح وڌي ٿي جڏهن ته دماغ ۽ رت وچ ۾ موجود رنڊڪ متاثر ٿئي ٿي، جنهن سان دماغي سوڄ متحرڪ ٿيندي آهي ۽ دماغي ڪمزوري جو خطرو وڌندو آهي.
هنن ٻڌايو ته نتيجن مان ثابت ٿئي ٿو ته الزائمر مرضن جو شڪار ماڻهو معدي جي سوڄ جو شڪار هوندا آهن ۽ اسان اهو به دريافت ڪيو ته معدي جي سوڄ جو شڪار ماڻهن جي دماغ ۾ ايميلوئيڊ پروٽين جو اجتماع به وڌيڪ هجي ٿو.
هاڻ محققن پاران ڪوئن تي تحقيق ڪري اهو ڏٺو ويندو ته غذائي تبديليون ڪيتري حد تائين سوڄ جو سبب بڻجن ٿيون.
واضح رهي ته الزائمر اُهو مرض آهي جنهن جو اڃا تائين ڪو به اثرائتو علاج موجود ناهي ۽ ان جي سببن بابت به ماهرن گهڻو ناهن ڄاڻي سگھيا.
هن تحقيق جا نتيجا جرنل سائنٽفڪ رپورٽس ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.