جعلي پاسپورٽ جاري ڪرڻ تي 7 آفيسر گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جعلي پاسپورٽ جاري ڪرڻ تي 7 آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو.
افغانين کي پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي ڪيس ۾ پاسپورٽ ۽ نادرا جي 7 آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ 3 اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پاسپورٽ ايميگريشن ۽ 4 نادرا آفيسر شامل آهن.
ايف آءِ اي موجب جعلي پاڪستاني پاسپورٽ جو گروهه عالمي سطح تي سرگرم هو، ڪيس ۾ هيل تائين 15 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين جو به امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.