راولپنڊي ۾ اڳوڻو ايم پي اي قتل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري اڳوڻي پنجاب اسيمبلي ميمبر عدنان سرور کي قتل ڪري ڇڏيو.
اڳوڻي ايم پي اي چوڌري عدنان تي پوليس لائنز ڀرسان حملو ڪيو ويو، اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ چوڌري عدنان مارجي ويو، جنهن جو مڙهه اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي.
واضح رهي ته تازين چونڊن ۾ چوڌري عدنان اين اي 57 راولپنڊي ۽ پي پي 19 تان آزاد اميدوار طور حصو ورتو هو.
هو 2018 ۾ پنجاب اسيمبلي ميمبر چونڊيو هو ۽ 9 مئي سانحي کانپوءِ پي ٽي آءِ کان ڌار ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.