موت کان اڳ جانور گول دائري ۾ ڇو گهمندا آهن؟ دلچسپ سائنسي انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غيرمعمولي طور تي گول چڪر هڻندڙ رڍن بابت سائنس جي انڪشاف سڀني کي حيران ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي جانورن جي عجيب عمل سبب سڀ حيران آهن ته جانور ائين ڇو ڪري رهيا آهن.

وڊيو ۾ رات جي اونداهي ۾ رڍون گول دائري ۾ چڪر هڻندي نظر اچن ٿيون.

رڍن جي فارم جي مالڪ مس ميائو جو چوڻ هو ته شروعات ۾ ڪجهه رڍون اهو عمل ورجائينديون هيون پر ڏسندي ئي ڏسندي سڀني اهو ڪم شروع ڪيو.

ٻئي پاسي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو خاص عمل هڪ بيماري کي ثابت ڪري ٿو جنهن ۾ جانور بيماري جي انتها تي پهچڻ بعد مري ويندو آهي.

Listeriosis نالي بيماري جانورن کان غير معمولي حرڪتون ڪرائيندي آهي، هي بيماري مٽي، خوراڪ يا ٻين شين مان لڳي سگهي ٿي، هن بيماري جي شروعاتي علامتن ۾ جانور کاڌ خوراڪ گهٽائي ٿو، ڊپريشن جو شڪار ٿي وڃي ٿو.

هڪ ٻي طبي صورتحال Mass Hysteria آهي جنهن سبب جانورن ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي آهي.

هن بيماري ۾ جانورن جو بچڻ ڏکيو هوندو آهي، ٻن ڏينهن ۾ جانورن جو موت پڪو آهي، ان لاءِ جانورن کي آءِ سي يو ۾ رکي بچائي سگهجي ٿو.

خيال رهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو چين جي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.