يوٽيوب ۾ ٻن بهترين فيچرز جي واڌ

گوگل جي مشهور ترين سروس يوٽيوب ۾ 2 بهترين فيچرز جو اضافو ڪيو ويو آهي.

ان مان هڪ فيچر يوٽيوب شارٽس جي حوالي سان آهي.

يوٽيوب شارٽس استعمال ڪندڙ واهپيدار هاڻي مختصر وڊيوز جي ان سيڪشن کي لائيو وڊيو اسٽريمنگ لاءِ به استعمال ڪري سگھندا.

ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته شارٽس وڊيوز اسڪرولنگ دوران واهپيدار لائيو وڊيو تي به پريويو ڏسي سگھندا جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ تي ان کي مڪمل طور ڏسڻ ممڪن هوندو.

شارٽس تي لائيو وڊيوز کي ورٽيڪل فارميٽ ۾ اسٽريم ڪرڻ به ممڪن هوندو.

هونئن ته يوٽيوب تي ورٽيڪل فارميٽ ۾ لائيو اسٽريمنگ جو آپشن ڪافي عرصي کان موجود آهي پر هاڻي ان کي شارٽس فيڊ جو حصو بڻايو پيو وڃي.

يوٽيوب جو اهو نئون فيچر ٽڪ ٽاڪ سان ملندڙ جُلندڙ آهي جنهن پاران به مختصر وڊيوز کي ڏسندي لائيو اسٽريمنگ کي ڏسڻ ممڪن آهي.

ٽڪ ٽاڪ ۾ ان تبديلي جي نتيجي ۾ لائيو اسٽريمنگ کي ڪافي فائدو ۽ واهپيدارن جي انگيج منٽ ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو.

يوٽيوب شارٽس ۾ لائيو اسٽريمنگ جي حوالي سان ايپ ۾ مختلف ڊسڪوري آپشنز جو اضافو به ڪيو ويندو.

شارٽس ۾ ان نئين اضافي سان گڏوگڏ يوٽيوب پاران پوڊ ڪاسٽ سڌي ريت يوٽيوب اسٽوڊيو تان اپ لوڊ ڪرڻ جي سهولت به فراهم ڪئي پئي وڃي.

ان تبديلي سان واهپيدارن پنهنجي آر ايس ايس فيڊ کي سڌي ريت يوٽيوب اسٽوڊيو سان سلهاڙيل سگھندا جنهن سان اُهي پنهنجي مواد کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائي سگھجندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.