8 فيبروري تي چونڊن کانپوءِ ملڪ جي ٽن وڏين پارٽين حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. هر پارٽي چاهي ٿي ته اهڙي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ملي جنهن ۾ اهڙي ڪا پارٽي نه هجي جنهن جو صدر، اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين ۽ اهم وزارتون انهن کي ڏيڻو پون.