دادو (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ راشد محمود سومري چيو آهي ته چونڊون رد ڪيون ٿا، تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ٿي آهي.
دادو ۾ هاءِ وي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي راشد محمود سومري چيو ته فارم 45 ۾ ڪتاب 900 ۽ تير 3، آر او جي فارم ۾ تير 900 ۽ ڪتاب جا 3 ووٽ ٿي ويا، سمورن نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.
واضح رهي ته جي يو آءِ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هڻندي مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا آهن.