لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۽ پ پ سياسي سهڪار تي متفق ٿي ويا.
بلاول هائوس لاهور ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حڪومت سازي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
شهباز شريف ۽ آصف زرداري جي ملاقات جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته سياسي عدم استحڪام کان ملڪ کي بچائينداسين.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته عوام جي اڪثريت اسان کي مينڊيٽ ڏنو آهي، عوام کي مايوس نه ڪنداسين.
گڏيل پڌرائيءَ موجب ن ليگ جي تجويزن کي پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ رکيو ويندو.
ن ليگ وفد ۾ اعظم نذير تارڙ، اياق صادق، احسن اقبا، راڻا تنوير، خواجا سعد رفيق، ملڪ احمد خان، مريم اورنگزيب ۽ شزا فاطمه شامل هئا.
Prev Post
Next Post
You might also like