جي يو آءِ چونڊ نتيجن خلاف روڊن تي اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چونڊ نتيجن خلاف ڌرڻا هڻي شاهراهون بلاڪ ڪيون ويون.
جي يو آءِ ڪارڪنن ڪراچي، حيدرآباد، سڪرنڊ، ٻٻرلوءِ، غوثپور، سن، جيڪب آباد، سجاول مٽِاري، دادو، سکر، گھوٽڪي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ چونڊن نتيجن خلاف شاهراهن تي ڌرڻا هنيا.
جي يو آءِ جي ڌرڻن سبب شاهراهن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي جڏهن ته مسافرن به پريشانين کي منهن ڏنو.
جي يو آءِ ڪارڪنن جو چونڊ هو ته چونڊن ۾ جي يو آءِ اميدوارن اڪثريت سان ڪامياب ٿيا جن کي ڌانڌلي ڪري هارايو ويو، ووٽ جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.