ڀارت خلاف ٽين ٽيسٽ کان اڳ انگلينڊ کي جهٽڪو

راج ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جو اسپنر جيڪ ليچ ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر ٿي ويو.
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب جيڪ ليچ ڀارت خلاف پهرين ٽيسٽ دوران انجريءَ جو شڪار ٿيو هو، سندس متبادل طلب نه ڪيو ويندو.
انگلش ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت ٽين ٽيسٽ کان اڳ وقفي دوران ابو ظهبي ۾ موجود آهي، جيڪ ليچ اتان ئي انگلينڊ روانو ٿي ويندو.
انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ ٽين ٽيسٽ ميچ خميس کان راج ڪوٽ ۾ شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.