ڪشمور: سستي ڪار ۽ شادي جي ڏٽي تي آيل 3 ڄڻا اغوا کان بچي ويا

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ڪشمور پوليس ٽن پنجاب واسين کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايس ايس پي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي چيو آهي ته اغوا کان بچايل ٽئي پنجاب واسي سستي ڪار ۽ شادي جي ڏٽي تي گڊو آيل هئا جن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آهي.
هن چيو ته اغوا کان بچي ويلن ۾ رشيد، عمار مقصود ۽ رضوان شامل آهن جن کي حفاظت سان وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.