اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي اطلاعات واري سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چي وفاق ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مستحڪم اتحادي حڪومت ۾ بلاول ڀٽو کي وزيراعظم هجڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ پ پ اتحادي حڪومت جو حصو بڻجڻ بدران اپوزيشن ۾ ويهي.
هن چيو ته پ پ کي پنهنجي ترجيحن جي خبر هجڻ گهرجي ۽ اپوزيشن بئنچز تان قوم جي خدمت ڪري.
As Central Secretary Info of #PPP, I propose that if @BBhuttoZardari doesn’t secure the Prime Minister position in a stable coalition alliance,we should opt for opposition.Let’s prioritize our party&continue serving the people from that position. #OppositionMatters#Election2024
— Faisal Karim Kundi (@fkkundi) February 11, 2024