دادو: 50 روپيا گھٽ ڏيڻ تي مستريءَ هٿان گراهڪ هٿوڙا هڻي مرٽينگ

دادو (ويب ڊيسڪ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سرڪٽ هائوس ڀرسان موٽرسائيڪلن جي مستري اُجوري مان 50 روپيا گھٽ ڏيڻ تي هٿوڙا هڻي مرٽينڪ گري ڇڏيو.
واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي زخمي نوجوان وسيم جتوئي کي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب موٽرسائيڪلن جي مستري اڪبر سومري 50 رپيا اجورو گھٽ ڏيڻ تي گراهڪ وسيم جتوئي کي هٿوڙن جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدار پاڻ به زخمي ٿيو آهي.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻنهي زخمين کي علاج لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.