قومي اسيمبلي جي سڀني تڪن جا نتيجا اچي ويا، پي ٽي آءِ حمايت يافته اميدوار 93 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو مڪمل ٿي ويو ۽ سڀني قومي اسيمبلي سيٽن جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن.
عام چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جا حمايت يافته اميدوار 93 سيٽن سان سڀني کان اڳتي آهن، جڏهن ته ن ليگ 75 ۽ پ پ 54 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
ان کانسواءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان 17، ٻين آزاد اميدوارن 8، جمعيت علماءِ اسلام 4، ق ليگ 3، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي 2-2 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
پشتونخوا ملي عوامي پارٽي، مسلم ليگ ضيا، نيشنل پارٽي، پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي پاڪستان، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ مجلس وحدت المسلمين هڪ – هڪ سيٽ حاصل ڪئي.

صوبائي اسيمبلين جي سيٽن جي صورتحال
سنڌ اسيمبلي جي سڀني 130 سيٽن جا نتيجا سامهون اچي چڪا آهن، جنهن موجب پ پ 84 سيٽن سان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ ن ليگ حڪومت ٺاهڻ کان ڪجهه قدم پوئتي آهي ۽ 131 سيٽن سان سڀ کان وڏي جماعت بڻجي وئي آهي، 126 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته پ پ 10 سيٽون کٽيون آهن.
خيبر پختونخواهه جي ڳالهه ڪجي ته اتي 113 مان 111 سيٽن جا نتيجا سامهون اچي چڪا آهن، جنهن ۾ 90 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا، جڏهن ته جي يو آءِ 7، ن ليگ 5، جماعت اسلامي ۽ پ پ 4-4 سيٽون کٽيون.
بلوچستان اسيمبلي جي 51 مان 44 سيٽن جي نتيجن موجب پ پ 11 سيٽن سان پهرئين نمبر آهي، جڏهن ته ن ليگ ۽ جي يو آءِ 9-9، بلوچستان عوامي پارٽي 4، آزاد اميدوارن 5، عوامي نيشنل پارٽي ۽ نيشنل پارٽي 2-2 سيٽون کٽيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.