ن ليگ جو اجلاس، نواز بدران شهباز کي وزيراعظم بڻائڻ جي تجويز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي اجلاس ۾ شهباز شريف وزيراعظم ۽ مريم نواز وزير اعليٰ پنجاب لاءِ مضبوط اميدوار بڻجي سامهون اچي ويا.
ذريعن موجب ن ليگ قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ ملڪي سياسي صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۾ صوبائي حڪومت ٺاهڻ لاءِ شروعاتي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ڪجهه شرڪت ڪندڙن شهباز شريف کي وزيراعظم طور نامزد ڪرڻ جي تجويز ڏني ته ڪيترن ئي ان تجويز جي حمايت ڪئي.
اجلاس دوران پارٽي قيادت ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار جي فيصلي جو اختيار شريف ڀائرن کي ڏنو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ شهباز شريف ۽ مريم نواز جو نالو پنهنجي امڪاني اتحادين سامهون رکندي، پ پ، ايم ڪيو ايم، جمعيت علماءِ اسلام ۽ ٻين جي حمايت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
ذريعن موجب ن ليگ حڪومت سازي بابت پنهنجون تجويزون اتحادين سامهون رکي گڏيل طور فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، حتمي فيصلو پ پ سان ڳالهين جي فائنل رائونڊ کانپوءِ ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ صدر ۽ سينيٽ چيئرمين جا عهدا اتحادين کي ڏيڻ، جڏهن ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي اسپيڪر جا عهدا ن ليگ وٽ رکڻ جون تجويزون سامهون آيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.