ڀارتي ڊراما ٺاهڻ جو فن پاڪستانين کان سکن: ڀارتي اداڪار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪار سشانت سنگهه ڀارتي  ٽي وي انڊسٽري جي حالت بابت پنهنجا خدشا ظاهر ڪندي چيو  ته اسان کي بهترين مواد لاءِ پاڪستاني ڊرامن مان سکڻ گھرجي.

ڀارتي اداڪار سشانت سنگهه جي هڪ وڊيو پوسٽ سامهون آئي آهي جنهن کيس پاڪستاني ڊرامن جي تعريف ڪندي ڏسي ۽ ٻڌي سگھجي ٿو.

سشانت سنگهه چيو ته اسان جي پاڙيسري ملڪ جنهن کي اسان پنهنجو دشمن چوندا آهيون، ان جو مواد (ڊراما) ڏسو ۽ پوءِ پنهنجو مواد ڏسو، پاڪستاني ڊراما ۽ سيريز اسان جي ڊرامن کان تمام گھڻا بهتر آهن.

هن چيو ته هتي جيڪڏهن ڪو اداڪار ڀارتي ٽي وي انڊسٽري جي خلاف درست ڳالهه ڪندو آهي ته ان جو ڪم بند ڪيو ويندو آهي سندس ڪيريئر تباهه ڪيو ويندو آهي، هن انڊسٽري ۾ جاگيرداراڻي ذهنيت قائم آهي ۽ اداڪارن کي برداشت ڪرڻ جو چيو ويندو آهي.

ڀارتي اداڪار وڌيڪ چيو ته ڀارتي ٽي وي انڊسٽري ۾ ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين، اسان ظلم جي خلاف وڙهنداسين ۽ جيڪڏهن اسان جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ به اسان خاموش نه رهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.