چنڊ نظر نه آيو پهرين شعبان سومر جي ڏينهن ٿيندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪٿي به شعبان جو چنڊ نظر نه آيو، پهرين شعبان سومر جي ڏينهن ٿيندي.

رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ سڄي مان ڪٿان به چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي نه ملي.

رويت هلال ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته پهرين شعبان 1445ع هجري هاڻي 12 فيبروري تي سومر ڏينهن ٿيندي، مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي اعلان موجب مذهبي معاملن واري وزارت ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.