مِٿُن جي طبعيت خراب، اسپتال ۾ داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو ليجنڊري اداڪار مٿن چڪرورتي پنهنجي نئين فلم جي شوٽنگ تان گھر موٽي رهيو هو ته سندس طبعيت خراب ٿي وئي جنهن کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب مٿن چڪرورتي پنهنجي نئين فلم جي شوٽنگ مان فارغ ٿي گھر موٽي رهيو هو ته رستي ۾ کيس بيچين ۽ سيني ۾ تڪليف محسوس ٿي جنهن کان پوءِ اداڪار کي ايمرجنسي ۾ ڪولڪته جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اسپتال ي ڊاڪٽر ميڊيا کي ٻڌايو ته مٿن چڪرورتي جو ايم آر آءِ ڪرايو ويو اهي ۽ ٻيون ٽيسٽون به ڪيون پيون وڃن.

ڊاڪٽر ٻڌايو ته هن کي اداڪار جي رپورٽن جو انتظار آهي، ان کان پوءِ ئي هو مٿن جي صحت بابت تفصيل فراهم ڪري سگھندا.

ٻي پاسي مٿن چڪرورتي جي ڌيءَ ڀارتي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس پيءُ بلڪل ٺيڪ آهي ۽ هو معمول جي طبي معائني لاءِ اسپتال ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.