عام چونڊن جا نتيجا، عدنان صديقي پاران انصاف ۽ شهري حقن جي موت جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار عدنان صديقي عام چونڊن جا نتيجا اچڻ کان پوءِ ملڪ ۾ انصاف ۽ شهري حقن جي افسوس ناڪ موت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هيل تائين اليڪشن ڪميشن کي قومي اسيمبلي جي 252 تڪن جا نتيجا ملي چڪا آهن جڏهن ته 265 مان 13 تڪن جا نتيجا اچڻا آهن.

عام چونڊن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي وڊيو منظر عام تي اچي رهيون آهن جن ۾ ڌانڌلي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، جتي پاڪستاني عوام نتيجن تي سخت ناراض آهي اتي شوبز شخصيتون به خوش نظر نه پيون اچن.

شوبز شخصيتون پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽس ذريعي عام چونڊن جي نتيجن تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيون آهن جن ۾ اداڪار عدنان صديقي به شامل آهي.

عدنان صديقي پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ اسٽوري ۾ هڪ تعزيتي نوٽ جاري ڪندي لکيو ته مون سميت پاڪستان جو ٻيو عوام ملڪ ۾ انصاف ۽ شهري حقن جي افسوسناڪ موت جو اعلان ڪري ٿو.

اداڪار چيو ته پاڪستان جي قانون جي پاسداري ڪندڙن ۾ اخلاقيات جي کوٽ سدائين محسوس ڪئي ويندي.

هن دعا ڪندي چيو ته الله اسان جي ماڻهن کي صبرعطا فرمائي ۽ ان ناانصافي کي هڪ ڀيرو وري هميشه لاءِ ملڪ مان ختم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اداڪار وڌيڪ لکيو ته اهو تعزيتي پيغام انهن ماڻهن لاءِ آهي جن انهن ظلمن کي سهولت ۽ مدد فراهم ڪئي، اسان اهو ظلم ۽ ناانصافي ڪڏهن به نه وسارينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.