بلوچستان ۾ اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاج، اهم شاهراهون بند

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ مبينا طور چونڊ نتيجن ۾ ڦيرڦار خلاف احتجاج جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪوئيٽا شهر جي ڊپٽي ڪمشنر، جيڪو ڪوئيٽا ضلعي ۾ قومي اسيمبلي جي 3 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 9 سيٽن لاءِ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر آهي، جي آفيس ٻاهران ٻئي ڏينهن به سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جو احتجاج جاري آهي.
احتجاجي مظاهري ۾ جعيت علماءِ اسلام، نيشنل پارٽي، هزار ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ ٻين سياسي پارٽين جا اميدوار ۽ ڪارڪنن شامل آهن.
ٻئي پاسي بلوچستان جي ساحلي شهر گوادر ۾ ” حق ڏيو تحريڪ “ پاران عورتن هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف شاهراهن کان ٿيندي ميرين ڊرائيو پهتي.
نيشنل پارٽي طرفان ڪيچ ۽ گوادر ۾ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن جي آفيس آڏو مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج سبب اهم شاهراهون بند ٿي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.