ڇوڪري سان ڳالهائڻ جي شڪ تي پيءُ ۽ چاچي ڇوڪريءَ کي درياهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر آگرا ۾ ڇوڪري سان ڳالهائڻ جو شڪ هجڻ تي پيءُ ۽ چاچي ڇوڪريءَ کي درياهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب 15 ورهين جي نائين جماعت جي شاگردياڻي کي پيءُ ۽ چاچي ڇوڪري سان ڳالهائڻ جي شڪ ۾ کيس گھٽو ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ جمنا درياهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.

رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڇوڪريءَ جي رڙيو ڪرڻ تي علائقي واسي گڏ ٿيا ويا ۽ هنن ڇوڪريءَ کي بچائيندي پوليس کي واقعي بابت آگاهه ڪيو.

ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته ڇوڪري خوش قسمتي سان بچي وئي آهي جنهن کي طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ چائلڊ ويلفيئر ڪميٽي ۾ رکيو ويو آهي.

پوليس موجب ڇوڪريءَ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندس پيءُ هن کي ڇوڪري سان ڳالهائيندي پڪڙي ورتو هو ۽ هو سمجهي ويٺو ته اسان شادي ڪرڻ چاهيون پيا جنهن جي آئون مخالفت ڪئي.

پوليس موجب ڇوڪريءَ جي بيان کان پوءِ سندس پيءُ ۽ چاچي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.