آسٽريليا پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ ويسٽ انڊيز کي هارائي ڇڏيو

هوبارٽ ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ ويسٽ انڊيز کي 11 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
آسٽريليا جي 214 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ويسٽ انڊين اوپنرز شروع کان ئي جارحاڻو انداز اختيار ڪيو پر ٻنهي اوپنرز جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ڪو به بيٽر گهڻي تي وڪيٽ تي جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪِرنديون رهيون، ويسٽ انڊيز مقرر اوورن 8 وڪيٽن جي نقصان تي 202 رنسون ٺاهي سگهي.
برينڊن ڪنگ 53 ۽ چانسن چارلس 42 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪور رهيا ٻين رانديگرن ۾ جيسن هولڊر 34، نڪولس پوران 18، شاءِ هوپ 16 ۽ رومين پائول 14 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
ڪينگروز جي ايڊم زمپا 3، مارڪس اسٽوئنس 2 جڏهن ته شان ايبٽ، گلين ميڪسويل ۽ جيسن بينڊروف هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
آسٽريليا جي اننگز
آسٽريليا جي شهر هوبارٽ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويسٽ انڊين ڪپتان رومين پائول ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 213 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا طرفان اوپنر ڊيوڊ وارنر 70 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي جڏهن ته جوش اِنگلس 39، ٽِم ڊيوڊ 37 ۽ ميٿيو ويڊ 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ويسٽ انڊيز جي آندري ريل 3، الزاري جوزف 2 جڏهن ته جيسن هولڊر ۽ روماريو شيفرڊ هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
آسٽريليا جي 214 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ويسٽ انڊين اوپنرز شروع کان ئي جارحاڻو انداز اختيار ڪيو پر ٻنهي اوپنرز جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ڪو به بيٽر گهڻي تي وڪيٽ تي جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪِرنديون رهيون، ويسٽ انڊيز مقرر اوورن 8 وڪيٽن جي نقصان تي 202 رنسون ٺاهي سگهي.
برينڊن ڪنگ 53 ۽ چانسن چارلس 42 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪور رهيا ٻين رانديگرن ۾ جيسن هولڊر 34، نڪولس پوران 18، شاءِ هوپ 16 ۽ رومين پائول 14 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
شاندار بيٽنگ تي ڊيوڊ وارنر کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.