مستقبل بلاول ڀٽو جو آهي: يوسف رضا گيلاني

ملتان (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مستقبل چيئرمين بلاول ڀٽو جو آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته بلاول ڀٽو سڄي پاڪستان جو دورو ڪيو، عوام بلاول ڀٽو جي منشور کي پسند ڪيو آهي، عوام منشور ٻڌي اسان کي سپورٽ ڪيو آهي.
هن چيو ته پ پ ملڪ جي استحڪام، معيشت لاءِ پنهنجو فرض نڀائيندي، جڏهن مان وزيراعظم هيس، ان وقت به سياسي استحڪام هو، اسان سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ کڻي هلنداسين.
سندس چوڻ هو ته هن وقت اسان جو مسئلو مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، غريبن کي پيرن تي بيهارڻو آهي، ملڪ کي معاشي طور بهتر ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.