اليڪشن 2024، نواز، شهباز ۽ مريم فاتح، جهانگير ترين، پرويز خٽڪ ۽ فضل الرحمان کي اباڻي تڪ ۾ شڪست

پاڪستان مسلم ليگ نون جو قائد نواز شريف، چيف آرگنائزز مريم نواز، شهباز شريف پنهنجي قومي اسيمبليءَ جي سيٽون کٽي ورتيون آهن جڏهن ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي اباڻي تڪ تان هارائي ويو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لاهور جي قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 130 تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا اميدوار ياسمين راشد کي شڪست ڏئي ڇڏي.
نواز شريف هڪ لک 71 هزار 24 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته ياسمين راشد 115043 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهي.
مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف به قومي اسيمبليءَ جي سيٽ کٽي ورتي آهي.
اين اي 123 جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب، شهباز شريف 63953 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا آزاد اميدوار افضال عظيم پاهٽ 48486 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
نون ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز لاهور مان قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ٻنهي سيٽن تي سوڀاري رهي.
مريم نواز لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 119 تي 83855 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته آزاد اميدوار شهزاد فاروق 68376 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
فضل الرحمان کي اباڻي تڪ ۾ شڪست
مولانا فضل الرحمان کي ڊيرا اسماعيل خان ۾ علي امين گنڊاپور هٿان شڪست کائي ويو.
قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 44 ڊيرا اسماعيل خان جي تمام پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتجن موجب، آزاد اميدوار علي امين گنڊاپور 92612 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته جي يو آءِ ( ف ) جي مولانا فضل الرحمان 59364 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
جهانگير ترين کي قومي اسيمبلي جي ٻني تڪن تان شڪست
استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين لوڌران ۽ ملتان مان قومي اسيمبليءَ جي ٻنهي تڪن تان هارائي ويو.
ملتان ۾ جهانگير ترين پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا اميدوار عامر ڊوگر کان هارائي ويو جڏهن ته لوڌران ۾ جهانگير ترين کي صديق خان بلوچ شڪست ڏني.
پرويز خٽڪ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ هارائي ويو، محمود خان کي به شڪست
ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف پارليمينٽرين جو سربراهه پرويز خٽڪ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون هارائي ويو جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان کي به شڪست ٿي.
پرويز خٽڪ پي پي 87 نوشهرا ۾ آزاد اميدوار خليق الرحمان شڪست ڏني، پرويز خٽڪ 18176 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته خليق الرحمان 44162 ووٽ حاصل ڪيا.
بئريسٽر گوهر، علي محمد خان، اسد قيصر قومي اسيمبليءَ جون سيٽون کٽي ورتيون جڏهن ته گجرات ۾ چوڌري پرويز الاهي کي سالڪ حسين هٿان شڪست ملي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.