پي ايس ايل 9: ٽرافيءَ جي مهورتي تقريب جا تفصيل سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي ٽرافي جي مهورتي تقريب 13 فيبروريءَ اڱاري جي ڏهاڙي ڏينهن.
پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جون تياريون زور شور سان جاري آهن، ان سلسلي ۾ ٽرافيءَ جي مهورتي تقريب 13 فيبروري لاهور ۾ ٿيندي.
ذريعن موجب، ٽرافيءَ جي مهورتي تقريب لاءِ گولف ڪورس ۽ تفريحي پارڪ غور هيٺ آهن ۽ ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ مهورتي تقريب لاءِ وينيو کي حتمي شڪل ڏني ويندي، تقريب ۾ سمورن ڪپتانن ۽ فرنچائز مالڪن کي به دعوت ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل 9 جي افتتاحي تقريب گذريل سال جيان هن دفعي به قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندي جتي پي ايس ايل جو آفيشل ترانو ڳائيندڙ گلوڪار علي ظفر ۽ آئما بيگ کانسواءِ ٻيا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.
ذريعن موجب، پي ايس ايل ڪرٽين ريزرو تقريب پهرين ميچ کان اڳ ٿيندي، افتتاحي تقريب جي موقعي تي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويندو.
ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جو نائون ايڊيشن سترنهن فيبروري کان شروع ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.