اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي منظم ڌانڌلي بابت آڊيو وائرل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 2024ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاران منظم ڌانڌلي جا ثبوت سامهون اچڻ لڳا، پي ٽي آءِ اميدوار علي رضا خان خاڪواني جي پولنگ ايجنٽ سان ڳالهه ٻولهه جي مبينا آڊيو وائرل ٿي وئي.
مبينا آڊيو ليڪ ۾ پي ٽي آءِ اميدوار علي رضا خان خاڪواني پولنگ ايجنٽ کي ڌانڌلي جو طريقو سمجهائيندي چوي ٿو ته جيڪڏهن پولنگ کان پوءِ نتيجا اسان جي حق ۾ نه هجن ته پوءِ فارم 45 تي غلط صحيح ڪري ڇڏجان ۽ ريٽرننگ آفيسر به غلط صحيح ڪري ڇڏيندو.
پي ٽي آءِ اميدوار چيو ته جيڪڏهن پولنگ کان پوءِ اسان جي ڪاميابي نظر اچي ته پوءِ فارم 45 تي اصل صحيح ڪري انهن جي تصوير موڪلي ڇڏجان، جنهن تي پولنگ ايجنٽ ملڪ عبدالغفار چيو ته ها، آئون ائين ئي ڪندس.
علي رضا خانڪواڻي چوي ٿو ته فارم 45 تي غلط صحيح ڪرڻ کان پوءِ ان جي تصوير به ڪڍجان. ريٽرننگ آفيسر ۽ پريزائيڊنگ آفيسر به جڏهن صحيح ڪري ڇڏي ته پوءِ آر او وٽ هليو وڃجان.
پي ٽي آءِ اميدوار چوي ٿو ته آر او صاحب غلط صحيح ڏسي نئون فارم 45 بڻائڻ جو حڪم ڏيندو جنهن تي سڀني جون اصل صحيحيون ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.