ڀارت ۾ اوچتو گرمي وڌي وئي، گرمي پد 36 ڊگري تائين پهچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر حيدرآباد ۾ اوچتو گرمي وڌي وئي، مونڊا مارڪيٽ ۽ بيگم پيٽ ۾ گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ کان ٽپي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گرمي جي اچڻ کان اڳ ئي ڀارتي شهر حيدرآباد ۾ اُس جي شدت ۽ گرمي پد وڌي ويو، جنهن سبب شهري حيران ٿي ويا.
تلنگانه اسٽيٽ ڊويلپمينٽ پلاننگ سوسائٽي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ايه ته راجندر نگر، مهدي پٽنم، ڪيپرا، سرور نگر، چارمينار، جوبلي هلز، خيريت اباد ۾ به گرمي پد 35 ڊگري کان ٽپي ويو.
جڏهن ته مونڊا مارڪيٽ، حيات نگر ۽ بيگم پيٽ جي علائقن ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 36.3 ڊگري سيلسيس رڪارڊ ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.