اليڪشن ڪميشن جون فارم 45 بابت آفيسرن کي اهم هدايتون، فارم 45 ڇا آهي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان فارم 45 جي تياري لاءِ پريزائيڊنگ آفيسرن کي لکت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
اي سي پي جي هدايت نامي موجب پريزائيڊنگ آفيسر فارم 45 مڪمل احتياط سان تيار ڪن ته جيئن ڪا غلطي نه رهي.
اليڪشن ڪميشن جي هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته پريزائيڊنگ آفيسر فارم 45 تي سڃاڻپ ڪارڊ واريون صحيحون ڪن، پولنگ اسٽيشنز تي موجود پولنگ ايجنٽ کان فارم 45 تي مختص جاءِ تي صحيح ورتي وڃي.
اي سي پي موجب پولنگ ايجنٽ جي صحيح کان انڪار يا وڃڻ تي فارم 45 ۾ مختصر سبب لکو، صحيح کانپوءِ فارم 45 جي ڪاپي ٻاهر چنبڙايو ۽ پولنگ ايجنٽن کي ڏيو.
اليڪشن ڪميشن جي هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته چنبڙائڻ کانپوءِ فارم 45 ۾ تبديلي جا ذميوار پريزائيڊنگ آفيسر هوندا.
اي سي پي موجب فارم 45 جون تصويرون رٽرننگ آفيسر کي موڪليو، انٽرنيٽ نه هجي ته ذاتي حيثيت ۾ آر او آفيس ۾ جمع ڪرايو.
فارم 45 ڇا آهي؟
عام چونڊون هجن يا ضمني چونڊون، فارم 45 جو ذڪر ۽ الزام سدائين لڳندا آهن، فارم 45 کي عام طور تي ”رزلٽ آف دي ڪائونٽ“ چيو ويندو آهي، ان اهم فارم ۾ پولنگ اسٽيشن جو نمبر، تڪ جو نالو، رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ، وڌل ووٽن جو ڪُل انگ ۽ هر اميدوار جي حاصل ڪيل ووٽن جا تفصيل شامل هوندا آهن، اميدوار پولنگ اسٽيشن تان فارم 45 ذريعي پنهنجي حاصل ڪيل ووٽن جو انگ پاڻ ڳڻي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.